SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پهرين مها ڀاري لڙائي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پهرين مها ڀاري لڙائي

World War I

ورلڊ وار ون

دنيا جي عظيم جنگين مان پهرين مهاڀاري جنگ 1914ع جي اونهاري کان 1918ع جي سياري جي وچ ۾ لڳي ، جنهن جو فوري سبب آسٽريائي تخت جي وارث ’فرانز فرڊيننڊ‘ جو قتل هو، پر اصل محرڪ يورپي سامراجي طاقتن وچ ۾ وڌيڪ بيٺڪون هٿ ڪرڻ جي بک هئي. هيءَ جنگ ”اتحادين“ يعني فرانس، برطانيا، آمريڪا، اٽلي، جاپان، بيلجيم، سربيا، رومانيا، يونان، پورچوگال، مانٽينيگرو ۽ روس وغيره ۽ ”محوري طاقتن“، يعني جرمني، آسٽريائي/هنگريائي سلطنت، بلغاريا۽ تُرڪيءَ جي وچ ۾ وڙهي وئي. جنهن ۾ ڪل 70 لک فوجين (60 لک يورپي فوجين سميت) حصو ورتو انهن مان 9 لک مارجي ويا، جڏهن ته 12 لک زخمي ٿيا. جنگ جي شروعات آسٽريا پاران سربيا تي قبضي سان ٿي، بعد ۾ جرمنيءَ لڪسمبرگ ، بيلجيم ۽ فرانس تي قبضي ۽ روسي جوابي حملي سان لڙائيءَ ۾ اضافو ٿيو. 1914ع ۾ عثماني سلطنت ۽ 1915ع ۾ اٽلي، بلغاريا ۽ رومانيا طرفان جنگ ۾ شموليت سان جنگ وڌيڪ تيز ٿي. نيٺ 11-نومبر 1918ع تي آمريڪي فوج جي سهڪار (Central Powers )سان ’اتحادين‘ هٿان جرمن فوج کي شڪست ملڻ بعد، چئن سالن جي ڊگهي ويڙهه کان پوءِ اتحادين کي سوڀ نصيب ٿي. پهرين عالمي جنگ دُنيا ۾ هڪ طرف زبردست تباهي آندي، ته ٻئي پاسي عثماني ۽ آسٽريائي/ هنگريائي سلطنتن جو خاتمو، روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب، ورسيلز جو معاهدو ۽ ’قومن جي مجلس‘ جو قيام عمل ۾ آيو. ان جنگ سبب لکين ماڻهو مارجي ويا، لکين بي گهر ٿيا، اربين ڊالرن جي ملڪيتن جو نقصان ٿيو ۽ يورپ ۾ جنگي ماحول جڙيو. جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي


Remember Me Also:

ٻلڻي

ث. کير ڌائيندڙ جانور جهڙوڪ ڇيلي، گابي يا ڪُونهين کي کير ڌائي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندس ٻوٿ تي ٻڌل ٻه چنهنبدار ڪاٺيون ، ٻِلَهڻِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal